اعجاز جکراڻي

اعجاز جکراڻي

اعجاز جکراڻي

اعجاز حسين جکراڻي، مير: مشھور سياستدان مير اعجاز حسين جکراڻي 5 مارچ 1967ع تي جيڪب آباد ضلعي ۾ ڄائو. هي پ پ پ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مير احمد نواز عرف ’بابل خان جکراڻي‘ جو پٽ آهي. سنڌ يونيورسٽي مان 1984ع ۾ بي. بي. اي (B.B.A) ۽ ڪئليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن جون ڊگريون حاصل ڪيون. عملي سياست جو آغاز 2001ع کان جيڪب آباد جي ضلعي نائب ناظم طور چونڊجڻ سان ڪيو. شروع کان ئي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو. 2002ع ۾ پھريون ڀيرو پ پ پ جي ٽڪيٽ تان جيڪب آباد مان قومي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو. اُن کانپوءِ لاڳيتو 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع ۾ به قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 2009ع ۾ صحت جو وفاقي وزير ۽ 2011ع ۾ راندين جو وفاقي وزير مقرر ٿيو. 2020ع ۾ جيلن جي حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو صلاحڪار رهيو. کيس، سياحت جو شوق آهي هن وقت تائين آمريڪا، برطانيه، هالينڊ، جرمني ۽ مئڪسيڪو سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو